انجمن آفتاب ادب دادو

انجمن آفتاب ادب دادو: هي انجمن 25 نومبر 1943ع تي دادو ۾ قائم ٿي، دادو ضلعي جي ڪجهه شاعرن ۽ اديبن جا حافظ محمد احسن چنا، ماستر جمع خان غريب، امام الدين ضامن وغيره جي ڪوششن سان هي انجمن قائم ٿي. هن انجمن جي مقصدن ۾ هر مهيني مشاعرو ڪرائڻ، شعر لاءِ ذوق سليم پيدا ڪرڻ، سنڌي علم ادب جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ، شاعريءَ جي فن جو صحيح معيار پيدا ڪرڻ وغيره هو. انجمن جا شروعاتي عهديدار هي هئا: (1) قاضي محمد قاسم مورائي (صدر)، (2) ماستر جمع خان غريب (نائب صدر)، (3) حافظ محمد احسن چنا (جنرل سيڪريٽري)، (4) علي حيدر حيدري (نائب سيڪريٽري)، (5) غلام عيسيٰ (ناظم)، (6) امام الدين ضامن (مهتمم شاعر).
اڳتي هلي آخوند شفيع محمد ۽ رئيس ضياءُ الدين ”بلبل“ هن جا مکيه عهديدار بڻيا، هن انجمن جي سهاري هيٺ ڇهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڊسمبر 1944ع ۾ رئيس ضياءُ الدين جي صدارت هيٺ ۽ 1951ع ۾ ٻارهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ ٿيون. هن انجمن جا هر مهيني باقاعدي مشاعرا ٿيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو